Posts

Showing posts from September, 2025

استاد محمد الياس لغاري

Image
اُستاد محمد الياس لغاري ولد مُلان حاجي خان لغاري ​سندس تعلق لغارين جي طيباڻي پاڙي سان هو. پاڻ 1926ع ۾ ڳوٺ  پنهوارڙي تعلقي سانگهڙ ۾  پيدا ٿيا. پاڻ حضرت صالح فقير لغاري رحہ جا ڀائيٽيا هُئا.  شروعاتي ٽي درجا پرائمري ڳوٺ مولوي خيرمحمد احمداڻي تعلقہ سانگهڙ مان پاس ڪيائين. 25 سيپٽمبر 1941ع تي مولوي خير محمد احمداڻي صاحب کي جلب پير قبرستان (موجوده نزد دبئي سٽي جمڙائو روڊ سانگهڙ ) وٽ شهيد ڪيو ويو. مولوي خير محمد احمداڻي جي شھادت کان پوءِ، اُستاد محمد الياس جو والد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ملان بخشو لغاري تعلقه ميرپور ماٿيلو ضلع سکر  لڏي ويو. باقي چوٿون ۽ پنجون درجو  پرائمري اُتي پڙھيائين. 1943ع ڌاري پاڻ ڳوٺ مولوي عبدالقادر لغاري نزد پادري جو ڳوٺ تعلقہ سانگھڙ واپس آيا. اُن کان بعد مدرسہ اسڪول محمد ملوڪ پهوڙ موجودہ تعلقہ کپرو ۾ پڙھيا ۽ فائنل جو امتحان 1946ع ۾  ميرپورخاص مان پاس ڪيائين ۽ ساڳئي سال کپرو شهر ۾ پرائمري استاد ڀرتي ٿيو. اُتي ٽي سال نوڪري ڪيائين ان کان بعد تپيداري جو ڪورس ڪيائين ۽ 1950ع ۾  نواب شاھہ ضلعي ۾ تپيدار  مقرر ٿيو. جيڪا نوڪري پڻ...

در ناياب

Image
​ حاجي صالح فقير لغاري ولد حاجي طيب لغاري رحه  پاڻ لغاري قبيلي جي طيباڻي پاڙي مان هو  .1904ع ۾ ڳوٺ ملان بخشي لغاري تعلقه ميرپور ماٿيلو ضلع سکر ۾ ڄائو . سندس ڄم جو سال  راقم کي صحيح معلوم نه ٿو ٿئي اهو اڃا غور طلب آهي. سندس والد حاجي طيب لغاري   جي نسبت معنوي درگاه ميان مستقيم المعروف پير بگو شير باشاه رحه جي بزرگن سان هئي . حاجي طيب لغاري پير ميان مستقيم المعروف بگو شير بادشاه رحه جي درگاه جي بزرگ ميان جامي فقير  انڍڙ رح جو نوازيل درويش هو ميان جامي فقير رحه پير ميان مستقيم المعروف بگو شير بادشاه رحه جو وڏو فرزند هو جنهن جي درگاه تعلقي لکي غلام شاه ضلع شڪارپور جي ڪچي واري علائقي  ۾ آهي جيڪا ميان جامي فقير جا قبا نالي سان مشھور آھي .ميان جامي فقير رحه 1868ع  ۾ وصال فرمايو.  حاجي طيب لغاري جي اولاد ۾ اهو فيض راقم جي پڙڏاڏي مسمات ڪريمت خاتون جيڪا سندس سڳي نياڻي هئي ۽ حاجي صالح فقير لغاري رحه  جي ڀيڻ ھئي  اُن تائين رهيو. جيڪا صاحب ڪرامت صاحب حال  ۽  وليه خاتون هئي....

در ناياب

Image
  محمد اشرف لغاري محمد اشرف لغاري ولد محمد اسحاق لغاري ولد ملان حاجي خان لغاري 1939ع۾ ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي تعلقه سانگهڙ۾  پيدا ٿيو.يو بي ايل بينڪ ۾  ملازم هو.1969ع کان مستقل جهول شهر تعلقي سنجهوري ضلع سانگهڙ ۾رھائش پذير ٿيو. پاڻ لغاري قبيلي جي طيباڻي پاڙي مان هو.   طريقت ۾ حضرت مولوي عبدالهادي شر رحه ڀريا روڊ واري جو مريد هو.  ياد رهي ته حضرت مولوي عبدالهادي شر رحه ٽنڊي سائينداد ضلع حيدرآباد واري بزرگ خواجه حسن جان  سرهندي رحه جو مريد هو. محمد اشرف لغاري قادر الڪلام شاعر هو. پاڻ سنڌي سرائڪي هندي اردو ٻولين ۾ شاعري ڪئي اٿس. شاعري ۾ پاڻ (ثنائي) تخلص استعمال ڪندو هو. 1998ع ۾ ملازمت تان ريٽائر ٿيو. پاڻ ٽي عدد ڪتابن جو خالق هيو. 1ڪليات ثنا- 2 تخلص الثنا ۽ 3 تصوفِ ولايت.   سندس ٽئي ڪتاب قلمي صورت ۾ آهن سندس لکيل ڪتاب تصوف ولايت ۾  سلوڪ جي باريڪ نقطن تن جي ڄاڻ ڏنل آھي.  . سندس شاعري جونمونو هيٺ ڏجي ٿو. جي ڳولين رب رسول کي پاڻ ۾ نه ره پاڻ پاڻ نڪري پاڻ مان پوءِ سهي ٿئي سڃاڻ ثنائي حقيقت آ هاڻ  سولو آ ساه کئون. جنهن مٽايو وجود تنهن ...