Posts

Showing posts from October, 2025

ڳوٺ مولوي عبدالقادر لغاري

Image
جڏھن حر گوريلن جي آماجگاه مکي ٻيلي جي ڪجھ حصي کي آبادي لائق بنائي زمين الاٽ ڪئي ويئي ته اسان جي وڏڙن به قسطن ۾ زمينون خريد ڪيون ۽ آھسته آھسته زمين جا ٽوٽا ٽڪرا فصل پوکڻ لائق بنائڻ لڳا . 1948ع ڌاري منهنجي وڏي چاچي مولوي عبدالقادر پنهنجي والد مولوي خير محمد مرحوم طرفان خريد ڪيل زمين تي پنهنجي نالي سان ڳوٺ منظور ڪرايو . جيئن ته منهنجو والد محترم زمين جي سنڀال ۽ کيتي پوکي جي مهارت رکندو هو انهي ڪري لڏي اچي نئين ڳوٺ ۾ ويٺو . هي ڳوٺ پراڻي ڳوٺ کان چار ڪلوميٽر جي مفاصلي تي مکي ٻيلي ۾ ھو . -------------- 1956ع ۾ برسات جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو . واهن جو وهڪرو ڪنڌيون ۽ ڪپر اورانگهي ويو ۽ اسان جو ڳوٺ بمثل طوفان نوح عليه جي لپيٽ ۾ اچي ويو . هي علائقو مکي ڍنڍ ته اڳيئي هو وري به ساڳي ڍنڍ ۾ تبديل ٿي ويو سڄو علائقو سمنڊ وانگر ڇوليون هڻندڙ نظر اچڻ لڳو گهر ٻُڏي ويا فصل تباه ٿي ويا اسان جا پرده نشين ڪٽنب خانه بدوشن وانگر سانگهڙ شھر کان 4ڪلوميٽر...

فقير حاجي طيب خان لغاري

Image
حاجي طيب خان  ولد سعدالله لغاري جا وڏا اصل ڊيري غازي خان جا هئا جتان هجرت ڪري ڳوٺ داد لغاري تعلقه ميرپور ماٿيلو ۾ آباد ٿيا . اُن کان پوء سندس   چاچي   ملان بخشي لغاري پنهنجي نالي   ڳوٺ ٻَڌو . سندس پيدائش انهي ئي ڳوٺ جي آھي . اُن کانپوء سال 1901ع ڌاري حاجي طيب پاڻ ۽ پنهنجي پٽن ۽ وڏي ڀاء گلشير خان   ۽ پنهنجن ٻن ڀائيٽن محمد يعقوب ولد نور محمد ۽ علي خان ولد نور محمد ۽ٻين عزيزن قريبن  سان گڏجي ڪري سانگهڙ طرف آيا . ۽ پادري ڳوٺ جي ڀرسان آباد ٿيا . سندس وڏو ڀاءُ نور محمد  ولد سعدالله سال 1915ع تي گذاري ويو. جيڪو ڳوٺ بخشو لغاري  تعلقه ميرپور ماٿيلو ضلع سکر جي قبرستان ۾ ابدي آرامي آھي .​سال 1913ع ۾ مولوي خير محمد پنهنجي نالي تي جُدا ڳوٺ ٻَڌو هن خاندان جا ڪجه فرد وقتي طور تي ڳوٺ مولوي خير محمد ۾ پڻ آباد ٿيا . حاجي طيب خان  صاحب شريعت ۽ صاحب حال بزرگ هو. ياد رهي ته حاجي طيب خان ولد سعدالله لغاري طريقت ۾  ميان مستقيم المعروف ميان بگو شير بادشاه ...

حاجي گل محمد عرف گلڻ فقير لغاري

Image
​ حاجي گل محمد عرف گلڻ فقير لغاري ڳوٺ مولوي خير محمد لغاري تعلقه سانگهڙ ۾ 1919ع تي مولوي عيسيٰ لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو . سندن تعليم ڪيتري هئي اُن بابت معلوم نه ٿي سگهيو آھي . سال 1945ع ۾ پاڻ محمد يعقوب لغاري سان گڏجي حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني رحه جي درگاه جي فيض يافته بزرگ حضرت ميان محمد بخش عرف فقير الله والا   اويسي جو طالب ٿيو.پاڻ ڪافي سال پنهنجي مرشد سان سفر وحضر ۾ گَڏ رهيا ۽ فيض پاتائون . ياد رهي ته ميان محمد بخش عرف فقير الله والا اويسي جي درگاه تعلقي علي پور ضلع مظفر ڳڙھ ۾ مرجع خلائق آھي . پاڻ 150 سالن جي عمر ۾ 1991ع تي وصال ڪيائون هر سال 3شعبان المعظم تي سندس عرس پاڪ ملهايو ويندو آھي . حاجي گل محمد عرف گلڻ فقير لغاري ڪافي عرصو کپري واري سيٺ حاجي عطام حمد لغاري جون بسون پڻ هلايون . مگر پوءَ ڊرائيونگ ڪرڻ ڇڏي ڏنائين . پاڻ شريعت جا پابند ۽ تهجد گُذار بزرگ هئا . سال 1964ع ۾ فقير صاحب کي حج جي سعادت نصيب ٿي . م...