فقير حاجي طيب خان لغاري
حاجي طيب خان ولد سعدالله لغاري جا وڏا اصل ڊيري غازي خان جا هئا جتان هجرت ڪري ڳوٺ داد لغاري تعلقه ميرپور ماٿيلو ۾ آباد ٿيا. اُن کان پوء سندس چاچي ملان بخشي لغاري پنهنجي نالي ڳوٺ ٻَڌو . سندس پيدائش انهي ئي ڳوٺ جي آھي. اُن کانپوء سال 1901ع ڌاري حاجي طيب پاڻ ۽ پنهنجي پٽن ۽ وڏي ڀاء گلشير خان ۽ پنهنجن ٻن ڀائيٽن محمد يعقوب ولد نور محمد ۽ علي خان ولد نور محمد ۽ٻين عزيزن قريبن سان گڏجي ڪري سانگهڙ طرف آيا. ۽ پادري ڳوٺ جي ڀرسان آباد ٿيا .سندس وڏو ڀاءُ نور محمد ولد سعدالله سال 1915ع تي گذاري ويو. جيڪو ڳوٺ بخشو لغاري تعلقه ميرپور ماٿيلو ضلع سکر جي قبرستان ۾ ابدي آرامي آھي .سال 1913ع ۾ مولوي خير محمد پنهنجي نالي تي جُدا ڳوٺ ٻَڌو هن خاندان جا ڪجه فرد وقتي طور تي ڳوٺ مولوي خير محمد ۾ پڻ آباد ٿيا. حاجي طيب خان صاحب شريعت ۽ صاحب حال بزرگ هو.
ياد رهي ته حاجي طيب خان ولد سعدالله لغاري طريقت ۾ ميان مستقيم المعروف ميان بگو شير بادشاه انڍڙ رحه جي پُٽ ميان جامي فقير انڍڙ رحه جو مريد هو .
جيئن ته ميان مستقيم عرف بگو شير بادشاه رحه جي درگاه ڳوٺ چيچڙو تعلقه پنو عاقل ضلع سکر ۾ آهي ۽ ميان محمد جامي فقيرانڍڙ رحه (متوفي1868)جي درگاه ڳوٺ جامي جا قبا تعلقي لکي غلام شاه ضلع شڪارپور ۾ آھي .
ميان مستقيم عرف بگو شير بادشاه انڍڙ رحه جا وڏا پيرموسيٰ نواب هاشمي رحه جامريد هئا.
ڊاڪٽرميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي مضمون “سنڌ جا سهروردي بزرگ “ ۾ پيرموسيٰ نواب ۽ سندس فيض يافته خليفن بابت هيٺين ريت لکي ٿو :
موسيٰ نواب
قديم زماني ۾ موجوده رحيم يار خان ضلعي ۽ بهاولپور جو ڪافي حصو سنڌ جي راڄڌاني ۾ شامل هو. سنڌ جي راجا راءِ سهاسي پنهنجي راڄڌاني ۾ جيڪي قلعا تعمير ڪرايا هئا، اهي موجوده سنڌ جي شهرن کان سواءِ ”موءُ“، اوچ ۽ سيوراهي ۾ به تعمير ڪرايا هئائين، اهي شهر هينئر بهاولپور واري ايراضيءَ جي حدن ۾ اچي وڃن ٿا. سرواهي، سيوراهي يا سوراهي جو قلعو، رحيم يار خان ضلعي جي شهر سنجرپور جي ويجهو دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. هن علائقي تي سما ۽ سومرا به حڪمران رهيا آهن. شاهه حسن ارغون جڏهن بکر کان ملتان تي ڪاهه ڪئي هئي، ته واٽ تي ڪيترا قلعا ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيا هئائين، انهن مان سيوراهي يا سرواهي جو قلعو به هو.
قلعي جي دڙي جي اتر اولهه ۾ حضرت موسيٰ نواب جو مقبرو آهي. حضرت پير موسيٰ نواب حضرت غوث بهاؤالحق زڪريا ملتاني جو سؤٽ هو. سندس والد بزرگوار جو نالو مخدوم سلطان احمد غوث هو. سن 584 هه(1188ع) ۾ ڪوٽ ڪروڙ ۾ سندس ولادت ٿي. ديني تعليم مولانا نصير الدين بلخي کان حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت ڪوٽ ڪروڙ ۾ درس ڏنائين. ان کان پوءِ ملتان وڃي حضرت غوث بهاؤ الحق زڪريا ملتاني جو مريد ٿيو، جيڪو سندس سؤٽ ۽ ڀيڻيويو به هو. حضرت غوث کيس خلافت جو خرقو عطا ڪيو، ۽ بيعت ڪرڻ جي اجازت ڏني، ۽ سنڌ ۾ رشد و هدايت ۽ تبليغ جي ڪم تي مامور ڪيو. اڃا ملتان ۾ئي هو ته سندس ڀاءُ راول درياءَ ملتان ۾ اچي سندس مريد ٿيو.
ڪجهه وقت ملتان ۾ رهڻ کان پوءِ حضرت غوث کين ارشاد فرمايو، ته ”سيوراهي“ ۾ وڃي مستقل طرح قيام ڪيو، ۽ اتي اسلام جي روشني ڦهلايو. ان حڪم ملڻ کان پوءِ حضرت موسيٰ نواب پنهنجي ڀاءُ مخدوم راول درياء المعروف به حاجي محمد شاهه ۽ مريدن سان گڏجي ”سيوراهي“ ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي مختلف جاين تي ڪيترين ئي قومن کانئس روحاني فيض پرايو، ۽ ڪيترا ماڻهو سندس هٿ تي مسلمان ٿيا. جي قومون سندس روحاني فيض مان مستفيض ٿيون، انهن جا نالا هي آهن:
راهواڙي، تريچڙي، گورماڻي، لنجواڻي، چوهاڻ، گوپانگ، کور، ڪنڀر، موچي، لاڙ، چانڊيا، جتوئي، هليلي، چاڪي، چاچڙ، سپلي، سانگي، ماڙيچا، کوسا، آڍوچا، ڀارا، ترهلي، ڏهر، دلاڻا، شر، ڪوش ۽ ڪــُـپڙا وغيره.
سيوراهي ۾ رهي ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي روحاني فيض ڏنائون، ۽ ڪيترائي قبيلا سندس هٿ تي مسلمان ٿيا. هڪ ڀيري ”ڊير اور“ جي چولستاني علائقي جي ”ڀاره“ قبيلي جا ماڻهو مال جي چاري لاءِ اچي سيوراهي ۾ رهيا. هو جڏهن پير موسيٰ نواب جي زيارت لاءِ آيا، ته ايترو ته متاثر ٿيا، جو سندس هٿ تي اسلام قبول ڪيائون. ڀاره قبيلو، ڀاٽيه راجپوتن جي هڪ شاخ آهي. ان کان سواءِ ”جهلڻ“ قبيلو به سندس هٿ تي مسلمان ٿيو.
حضرت نواب الاولياء جو دستور هو، ته مانگهه، ڦڳڻ ۽ چيٽ جي مهينن ۾ سنڌ جو دورو ڪندا هئا ۽ ساوڻ جي مهيني ۾ راجسٿان ويندا هئا. هڪ ڀيري راجسٿان جي ان علائقي ۾ پهتا، جتي ”انڍڙ“ قبيلو آباد هو، جنهن جو سردار ”ميان جيو“ اهل الله سان وڏي عقيدت رکندو هو. هن کي جڏهن هن بزرگ جي آمد جي خبر پيئي، ته وڏي عقيدت سان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو. هو بزرگ کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪري، سهروردي سلسلي ۾ داخل ٿيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن حضرت نواب الاولياء سيوراهي ڏانهن روانو ٿيو، ته ميان جيو به پنهنجي خاندان سميت بزرگ سان گڏجي سيوراهي آيو. هتي پهچي هن پنهنجي مرشد جي فقيرن جي خدمت پنهنجي ذمي کنئي. سندس خاندان درياء جي ڪناري ننڍيون ننڍيون جهوپڙيون ٺاهي، رهائش اختيار ڪئي. ان آباديءَ بعد ۾ هڪ ڳوٺ جي صورت اختيار ڪئي ۽ ڀونگڙيءَ مان بدلجي ان جو نالو”ڀــُـنگ“ پئجي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌ جي حڪومت، ”ميان جيو“ کي سيوراهي جي پسگردائيءَ ۾ جاگير ڏني، جنهن ۾ ”ڀــُـنگ“ ۽ ”راڄڻپور، جا شهر اچي وڃن ٿا. هي شهر سابق رياست بهاولپور ۾ واقع آهن ”ڀــُـنگ“ ڳوٺ ۾ خوبصورت مسجد آهي، جنهن تي شيشي ۽ گلڪاريءَ جو نهايت نفيس ڪم ٿيل آهي. هن جڳ مشهور مسجد کي ڏسڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا آهن ۽ آرٽ جا شاهڪار ڏسي حيران ٿي ويندا آهن. هي مسجد رئيس غازي محمد خان انڍڙ جي تعمير ڪرايل آهي، جنهن ڪجهه سال اڳ وفات ڪئي. هو”ميان جيو“ جي اولاد مان هو.
”ميان جيو“ جو ننڍو ڀاءُ ”شيخ احمد“ به حضرت نواب الاولياء جو خليفو هو. ان جي اولاد مان ڪيترائي عالم ۽ بزرگ پيدا ٿيا، جن سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جهڙوڪ: خضر سلطان، هونده سلطان ۽ دائم سلطان. انهن جون مزارون چيچڙا شريف عرف بگا شير(تعلقو پنو عاقل، ضلع سکر) ۾ واقع آهن.
حضرت موسيٰ نواب جي سيوراهي ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ کان ڪجهه وقت پوءِ حضرت غوث زڪريا ملتاني پنهنجن دوستن حضرت قلندر شهباز،حضرت فريد گنج شڪر ۽ حضرت سيد جلال سرخ بخاريءَ سان گڏجي”سيوراهي“ ۾ آيو ۽ ڪجهه وقت رهي حضرت موسيٰ نواب سان روحاني محفلون ڪيائون. ان کان پوءِ چارئي يار سنڌ جي سفر تي روانا ٿي ويا. پير موسيٰ نواب سندن يادگار طور مسجد تعمير ڪرائي، جيڪا ”مسجد چار يار“ جي نالي سان مشهور ٿي.
حضرت پير موسيٰ نواب شادي نه ڪئي. 83 سالن جي عمر ۾ 25 - ذي الحج سن 667 هه(1269ع) تي وفات ڪيائين. سندس ڀاءُ ۽ مريد مخدوم راول درياء سندس زندگيءَ ۾ ئي 3- شوال سنه 657 هه(1259ع) تي وفات ڪئي هئي. انهيءَ ڪري سندس ڀائٽيو ۽ مخدوم راول درياء جو فرزند حضرت پير محمد اسماعيل سجاده نشين ٿيو، جنهن 74 سالن جي عمر ۾ 24- رمضان 711 هه تي وفات ڪئي. پير موسيٰ نواب جي مقبري ۾ سندس مزار جي هڪ طرف سندس ڀاءُ مخدوم حاجي راول جي مزار ۽ ٻئي طرف سندس ڀائٽي پير محمد اسماعيل جي مزار آهي. انهن کان سواءِ سندن خاندان جي ڪن ٻين بزرگن جون مزارون به هتي آهن.
حضرت پير موسيٰ نواب جا خليفا
سنڌ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کانئس فيض پرايو. انهن مان ڪيترن جون درگاهون اڄ به زيارت گاهه خاص ۽ عام آهن. ڪن بزرگن جو مختصر تعارف ڏجي ٿو:
ميان محمد مستقيم عرف بگو شير: هن بزرگ جي مزار تعلقي پني عاقل ضلع سکر ۾ آهي. درگاهه ۽ ڳوٺ سندس نالي پٺيان مشهور آهن. سندس درگاهه لڳ وڏو قبرستان آهي، جيڪو ان قديم سڙڪ جي ڪناري تي آهي، جيڪا ملتان کي بکر سان ملائيندي هئي. انهيءَ ئي سڙڪ ذريعي دهليءَ جا بادشاهه ۽ سندن لشڪر سنڌ ۾ داخل ٿيندو هو. اها سڙڪ اڄ به ڪچي سڙڪ جي حالت ۾ موجود آهي، ۽ عوام ۾ ”بادشاهڻ سڙڪ“ جي نالي سان مشهور آهي. هن سڙڪ سان ڪيترن ئي بزرگن جا مقبرا، مزارون ۽ ڦٽل شهر آهن. ”سيوراهي“ جا دڙا ۽ ”ماٿيلو“ جو دڙو (لڳ گهوٽڪي) هن ئي سڙڪ سان آهن. راقم الحروف سيوراهي کان بگو شير تائين هيءَ سڙڪ گهمي ڏٺي آهي.
حضرت بگو شير حضرت محمد حسين شهيد جي اولاد مان هو، جيڪو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي ۽ ”حضوري“ لقب سان مشهور هو. حضرت محمد حسين، ”ميان جيوانڍڙ“ جي ننڍي ڀاءُ شيخ احمد جي اولاد مان هو. درگاهه بگو شير واري قبرستان ۾ بگو شير کان سواءِ سندس خاندان جي ٻين بزرگن جون مزارون به آهن.
مولانا محمد جامي: ماضي قريب ۾ انڍڙ خاندان مان وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس درگاهه شڪارپور ضلعي ۾ آهي. درگاهه ۽ ڳوٺ ”جامي جا قبا“ جي نالي سان مشهور آهن. سندس پيري مريديءَ جو سلسلو حضرت نواب الاولياء سان ملي ٿو. سنڌ جي نامور ڪاريگرن ۽ معمارن کي وٺي وڃي، حضرت نواب الاولياء جي مقبري جي نئين سر تعمير ڪرايائين، جيڪا هن وقت موجود آهي. روحانيت جي صاحب هجڻ سان گڏ وڏو عالم ۽ فاضل به هو. ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کانئس علمي ۽ روحاني فيض پرايو. سندس خليفن مان هيٺين جا نالا قابلِ ذڪر آهن:
”مولانا محمد ابراهيم سرحدي، ميان محڪم الدين، ميان محمد جمال الدين، مولانا شمس الدين، مولانا محمد ابوبڪر.“ مولانا محمد ابوبڪر ۽ مولانا شمس الدين وڏا عالم، فاضل ۽ اهل دل بزرگ هئا. سندن مزارون ”جامي جا قبا“ ۾ آهن. مولانا محمد ابراهيم سرحدي جي شاگردن مان مولانا نذر محمد انڍڙ وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. قريباً اڄ کان 30 سال اڳ وفات ڪيائين. مولانا عبدالرزاق ڏهر (خطيب مسجد ڀونگ) ۽ رئيس غازي محمد خان ڀونگ جي جڳ مشهور مسجد تعمير ڪرائيندڙ) سندس شاگرد هئا.(1)
پاڻ جڏھن پنهنجي مرشد پاڪ جي حاضري لاء ڳوٺ بخشو لغاري مان نڪرندو هو ته گس ۾ تترن جو شڪار ڪندو هو ۽ جيڪي به تتر ماريندو هو اُهي پنهنجي مُرشد جي لنگر ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو. ۽ سندس مرشد پاڪ به اڳواٽ پنهنجن فقيرن کي ٻُڌائي ڇڏيندو هو ته( طيب فقير ٿو اچي ۽تتر ماريندو ٿو اچي. )
خانداني روايتن موجب حاجي طيب خان لغاري کي شب قدر جي ڀلاري رات نصيب ٿي ۽ اُن رات ۾ پاڻ پنهنجي سڄي اولاد لاء خصوصي دعا گهريائين ته (يا الله منهنجي سڄي اولاد کي حج نصيب ڪجان) بزرگ جي دعا جو اهو اثر ٿيو جو اڄ تائين سندس اولاد ۾ جيڪي به فرد آھن سڀ حاجي آهن. ۽ اُن کانسواء پاڻ پنهنجي اولاد کي نصيحت ڪيائين ته اگر زمين خريد ڪيو ته اُها ڪينال سان لڳو لڳ خريد ڪجو ڪو وقت ايندو جو توهان کي زمين آباد ڪرڻ لاء پاڻي نه ملندو. اڄ به سندس اولاد جون زمينون تقريباََ مٺڙائو ڪينال سان لڳ آھن ۽سندس خاندان مان جيڪي به فرد آهن اُهي خوشحال آھن.
پاڻ پادري ڳوٺ لڳ وصال ڪيائين .سندس مرقد ڪپوري قبرستان ۾ آھي.
حاجي طيب خان لغاري جو خانداني شجرو هيٺين ريت آهي .
حاجي طيب بن سعدالله بن علي خان بن محمود بن وليه بن پليه بن مغز بن شاهن بن سهتڪ بن احمد خان بن اسماعيل خان بن بندو بن گوهر خان بن عالي خان بن بناح خان بن قباح خان بن حسن بن جنگل خان بن مير عالي بن رندو.
حاجي طيب خان جي نسبت سان هي پاڙو طيباڻي سڏجي ٿو .مگر طيباڻي پاڙو به احمداڻي پاڙي جي هڪ شاخ آھي.
حاجي طيب خان لغاري کي ڇهه فرزندن ۽ ٻه نياڻين جو اولاد هو.
جن جا نالا هيٺين ريت آھن.
1 ملان حاجي خان
2سعدالله خان ثاني
3 حاجي احمد خان
4 حاجي صالح فقير
5 حاجي شاهن خان
6حاجي حسن خان.
7مسمات ڪريمت
8مسمات سوني.
---------------------------------------------------------
1ملان حاجي خان
حاجي طيب خان جو وڏو فرزند هو. پاڻبه مدرسي جو دستار بند عالم هو قرآن پاڪ جو درس ڏيندڙهو شريعت جو پابند ۽متقي پرهيزگار بزرگ هو. 1953ع ۾ وصال ڪيائين سانگهڙ لڳ جلب پير قبرستان ۾ ابدي آرامي آهي.
سندس ٻه شاديون هيون
پهرين گهر واري مان کيس هڪ فرزند ۽ ٻه نياڻون هيون .جن جا نالا هيٺين ريت آهن.
1محمد اسحاق
ملان حاجي خان کي ٻي گهرواري مان هيٺ ڏنل اولاد ٿيو.
1 استاد محمد عظيم
2 استاد محمد الياس
3محمد عباس
4محمد هارون
5محمد شفيع
-----------------------------------------------
2سعدالله خان
حاجي طيب جو ٻيو نمبر پُٽ ھو
ڪجھ خانداني روايتن موجب پنهنجي والد کانپوء هي بزرگ ميان بگو شير بادشاه رحه جي درگاه جي حاضري ڀريندو رهندو هو.سندس آخري آرام گاه ڪپوري قبرستان ۾ آھي.سال 1954ع تي وصال ڪيائين.(سانگهڙ جو مشهور ڊاڪٽر ۽ سماجي ورڪر معروف ولد بنگل خان جيڪو مورخه 16-8-2025ع تي شھيد ٿيو .سندس پوٽو هو.) سعدالله خان کي هيٺ ڏنل اولاد هو .
1ابوبڪر عرف بکر خان.
2 حاجي مير خان
3حاجي علي مراد خان
4پانڌي خان
5بنگل خان
6سوزل خان.
7محبت خان .
-----------------------------------------------
3حاجي احمد خان
حاجي طيب لغاري جو ٽيون نمبر پُٽ هو سندس ڄمڻ جي تاريخ نه ملي سگهي آھي هن بزرگ جي پئدائش پڻ ڳوٺ بخشو لغاري تعلقه ميرپور ماٿيلو ضلع سکر جي آھي. هي بزرگ طريقت ۾ سيد صبغت الله شاه شهيد سورهيه بادشاه جو مريد هو. سال1956ع واري ٻوڏ ۾ ڳوٺ مولوي عبدالقادر لغاري زير آب اچي ويو جيڪو مکي ٻيلي ۾ ھو . برسات جي گهڻي پاڻي بيهڻ سبب مذڪوره ڳوٺ ڦٽي ويو. مذڪوره ڳوٺ واري زمين پاڻ مولوي عبدالقادر لغاري ۽ سندس ڀاءُ حاجي عبدالڪريم لغاري کان خريد ڪيائين. مذڪوره ڦٽل ڳوٺ کان ڏکڻ طرف ڪجھ مفاصلي تي پنهنجي نالي تي ڳوٺ ۽اسڪول منظور ڪرايائين. جيڪو اڄ ڳوٺ حاجي احمد لغاري سڏجي ٿو.
1992ع ۾ وصال ڪيائين ڪپوري قبرستان ۾ آسوده خاڪ آهي.کيس چار پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد هو جن جا نالا هيٺين ريت آهن .
1غازي خان.
2ميهر خان
3سائين بخش
4موجن خان
-------------------------------------------------
4حاجي صالح فقير
حاجي طيب لغاري جو چوٿون نمبر وڏو پُٽ هو.
1904ع ۾ ڳوٺ ملان بخشي لغاري تعلقه ميرپور ماٿيلو ضلع سکر ۾ ڄائو. سندس ڄم جو سال راقم کي صحيح معلوم نه ٿو ٿئي اهو اڃا غور طلب آهي.
حاجي صالح فقير لغاري سچو عاشق رسول صه هو ۽ شريعت محمدي جو پاپند هو . مولود پڙھندي سندس اکيون ڳوڙھن سان آليون ٿي وينديون هيون .
مون ايام جواني ۾ کيس ڏٺو هو . اسان جي ڳوٺ حاجي احمد لغاري جي مسجد شريف پڻ هن بزرگ جي جوڙايل هئي. (حاجي احمد لغاري سندس وڏو ڀاءُ هو.) مذڪوره مسجد ۾ پاڻ ڪڏھن ڪڏھن نماز پڙھڻ لاءِ ايندا هئا.
پاڻ صاحب ڪرامت هو سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون مشھور آھن
طريقت ۾ غالباَ پير رُشدالله شاه راشدي پير آف جهنڊي واري(متوفي 1922) جا مريد هئا.
مولانا حماد الله هاليجوي رح( متوفي 1962) واري مسجد هاليجي شريف جو سنگ بنياد پڻ هن ئي بزرگ رکيو ۽ مسجد لاءَ مزدوري ۽ چندو پڻ گڏ ڪيائين.
پاڻ ڪافي مسجدون ٺھرايائون .جتي پيئڻ جي پاڻي جي تڪليف هوندي هئي اتي في سبيل الله کوه کوٽائيندا هئا.
ان کان علاوه جنهن ڳوٺ جي رستي تي پل نه هوندي هئي پاڻ اُتي في سبيل الله پليون پڻ ٺھرايون
سندس همعصر عالمن ۾ ھيٺ ڏنل عالم قابل ذڪر آھن
1مولانا حماد الله هاليجوي رحه
2 مولانا عبدالقادر لغاري رحه
3مولانا عبدالله لغاري رحه
4 مولانا عبيدالله سنڌي رحه
5مولانا عبدالقادر زنئور رحه
6مولوي خير محمد احمداڻي رحه
سندس همعصر بزرگ
1مولوي عبدالهادي شر رحه ڀريا روڊ
2 ميان محمد بخش عرف الله
واله فقير اويسي رحه علي پور مظفر ڳڙھ
3سيد غلام نبي شاه رحه نواب شاه
4خليفو دائود فقير شر غفاري رحه ٺري مير واه
5انور علي شاه جهانپوري رحه
6پير سيد محمد شاه رحه گهوٽڪي
انکانسواء نوتڪ ڊيري غازي خان جا معشوق پوٽا سيد پڻ سندس همعصر رهيا آهن .
سندس نالي تي ديھ باکوڙو يونين ڪائونسل مياڻ تعلقه سانگهڙ ۾ پادري جي ڳوٺ کان اوڀر طرف ڳوٺ آھي.
کيس پنج پُٽن جو اولاد هو. جنهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا
1ڇٽو خان 2پيارو خان 3گل محمد 4حاجي رانجهو 5بهار
موجوده وقت۾ سندس سڀئي پٽ فوت ٿي ويل آهن باقي سندس پٽن جو اولاد مذڪوره ڳوٺ ۾ رهائش پذير آھي.
سندس ننڍو پُٽ بهار لاهوت ڏانهن سير ڪرڻ لاءَ ويو مگر واپس نه موٽيو . انهي ننڍي پُٽ جي جُدائي زندگي ۾ کيس جهوري وڌو.
پاڻ ننڍي پٽ بهار جي ڳولا ڪيائين۽ ڪافي بزرگن وٽ پڻ ويو مگر اهوئي جواب مليس ته (بهار ؛ بهار ٿي ويو فقير هاڻ صبر ڪريو.) سال 1992۾ وصال ڪيائين سانگهڙ کان 6-7 ڪلوميٽر اوڀر طرف ڳوٺ جانب لانڊر لڳ ڪپوري قبرستان ۾ آسوده خاڪ آهي.
بناکر خوش رسمے خاک و خوں غلطیدن
خدا رحمت کند ایں عاشقان پاک طینت را۔
------------------------------------------------
5حاجي شاهن خان
هي حاجي طيب خان جو پنجون نمبر فرزند هو طريقت ۾ مولانا حمادالله هاليجوي رحه جو مريد هو .لٽڪو موري تعلقه سانگهڙ وارو بزرگ حاجي جيوڻ فقير لغاري سندس همعصر ۽ پير ڀائي هو. حاجي شاهن خان پڻ ڪپوري قبرستان ۾ ابدي آرامي آھي.حاجي شاهن خان کي هيٺ ڏنل فرزندن ۽ نياڻين جو اولاد هو.
1مبارڪ خان.
2طيب خان
3حاجي اسماعيل
4محمد اصغر عرف آچر فقير
5حاجي محمد جميل
--------------------------------------------------
6حاجي حسن خان.
هي حاجي طيب خان جو ننڍو فرزند هو ۽ پڙھيل لکيل هو حاجي حسن خان جي ڄمڻ جي تاريخ ۽ وصال جي تاريخ نه ملي سگهي آھي.. کيس ٻن پٽن ۽ ٽي ڌيئرن جو اولاد هو .
1حاجي رحمت الله
2استاد حاجي هادي بخش
__________________________________________
(1)سنڌ جا سهروردي بزرگ.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.
مهراڻ رسالو سال1984جلد 33نمبر4صفحو-6-5
سنڌي ادبي بورڊ آنلائين لائبريري
Comments
Post a Comment