ڳوٺ مولوي عبدالقادر لغاري
جڏھن حر گوريلن جي آماجگاه مکي ٻيلي جي ڪجھ حصي کي آبادي لائق بنائي زمين الاٽ ڪئي ويئي ته اسان جي وڏڙن به قسطن ۾ زمينون خريد ڪيون ۽ آھسته آھسته زمين جا ٽوٽا ٽڪرا فصل پوکڻ لائق بنائڻ لڳا. 1948ع ڌاري منهنجي وڏي چاچي مولوي عبدالقادر پنهنجي والد مولوي خير محمد مرحوم طرفان خريد ڪيل زمين تي پنهنجي نالي سان ڳوٺ منظور ڪرايو .جيئن ته منهنجو والد محترم زمين جي سنڀال ۽ کيتي پوکي جي مهارت رکندو هو انهي ڪري لڏي اچي نئين ڳوٺ ۾ ويٺو .هي ڳوٺ پراڻي ڳوٺ کان چار ڪلوميٽر جي مفاصلي تي مکي ٻيلي ۾ ھو.
--------------
1956ع ۾ برسات جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو .واهن جو وهڪرو ڪنڌيون ۽ ڪپر اورانگهي ويو۽ اسان جو ڳوٺ بمثل طوفان نوح عليه جي لپيٽ ۾ اچي ويو. هي علائقو مکي ڍنڍ ته اڳيئي هو وري به ساڳي ڍنڍ ۾ تبديل ٿي ويو سڄو علائقو سمنڊ وانگر ڇوليون هڻندڙ نظر اچڻ لڳو گهر ٻُڏي ويا فصل تباه ٿي ويا اسان جا پرده نشين ڪٽنب خانه بدوشن وانگر سانگهڙ شھر کان 4ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سرڪار جي غير آباد زمين تي ڪکايون جهوپڙيون ٺاهي زندگي بسر ڪرڻ لاء مجبور ٿي ويا .اناج ضايع ٿي ويو .اوڏن جون ٺھيل ڪچيون ديوارون ڪري ويون .مال متاع وڪڻي پيٽ پالڻ تي مجبور ٿي ويا سين.
وهڻ مون نه وڙاءُ
استاد عبدالرشيد لغاري
Comments
Post a Comment