در ناياب
| محمد اشرف لغاري |
محمد اشرف لغاري ولد محمد اسحاق لغاري ولد ملان حاجي خان لغاري 1939ع۾ ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي تعلقه سانگهڙ۾ پيدا ٿيو.يو بي ايل بينڪ ۾ ملازم هو.1969ع کان مستقل جهول شهر تعلقي سنجهوري ضلع سانگهڙ ۾رھائش پذير ٿيو. پاڻ لغاري قبيلي جي طيباڻي پاڙي مان هو. طريقت ۾ حضرت مولوي عبدالهادي شر رحه ڀريا روڊ واري جو مريد هو.
ياد رهي ته حضرت مولوي عبدالهادي شر رحه ٽنڊي سائينداد ضلع حيدرآباد واري بزرگ خواجه حسن جان سرهندي رحه جو مريد هو.
محمد اشرف لغاري قادر الڪلام شاعر هو. پاڻ سنڌي سرائڪي هندي اردو ٻولين ۾ شاعري ڪئي اٿس.
شاعري ۾ پاڻ (ثنائي) تخلص استعمال ڪندو هو. 1998ع ۾ ملازمت تان ريٽائر ٿيو.
پاڻ ٽي عدد ڪتابن جو خالق هيو. 1ڪليات ثنا-
2 تخلص الثنا ۽ 3 تصوفِ ولايت. سندس ٽئي ڪتاب قلمي صورت ۾ آهن سندس لکيل ڪتاب تصوف ولايت ۾ سلوڪ جي باريڪ نقطن تن جي ڄاڻ ڏنل آھي. .
سندس شاعري جونمونو هيٺ ڏجي ٿو.
جي ڳولين رب رسول کي پاڻ ۾ نه ره پاڻ
پاڻ نڪري پاڻ مان پوءِ سهي ٿئي سڃاڻ
ثنائي حقيقت آ هاڻ سولو آ ساه کئون.
جنهن مٽايو وجود تنهن سڃاتو پاڻ
محنت ڪر مکو جيان اندر تاڻو تاڻ
صاف ڪر سيني کي من مان نڪري ماڻ
انهي روح رهاڻ ثنائي ملندين محبوب کي.
سندس هڪ ڪتاب ڪليات ثنا سدائين ڪڇ ۾ هوندو هو. سانگهڙ شهر جي گهٽين مان اڪثر ڏسندو هئس. هڪ دفعي کيس گهرايم ڪافي دير ڪچهري ڪيائين ۽ پنهنجي شاعري پڻ ترنم ۾ پڙھي ٻڌايائين . بيحد پيارو انسان هو.
اسان جو هي پيارو شاعر ۽ درويش 10اپريل 2025 ع تي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو.
(سندس وصال کانپوء ڪنهن اهل نظر سندس قبر تي بيهي کائنس پڇيو ته فقير ڪهڙا حال آھن جواب ۾ وراڻيائين اهڙيون ڪيئي موتون زندگي ۾ آيون هي موت ڪجھ به ڪونهي هلي آءُ فقير ڪچهري ڪيون).
ڳوٺ جانب لانڊر باکوڙو روڊ سانگهڙ لڳ ڪپوري قبرستان ۾ ابدي آرامي آھي.
بمصداق ڪنهن درويش جي ته
ماءُ ڏٺم اڄ ماٺ مڙھين ۾ جوڳي جيڪس ويا جبروت.
Comments
Post a Comment