محمد يعقوب لغاري
محمد يعقوب ولد نور محمد لغاري جي تاريخ پيدائش نه ملي سگهي آھي پاڻ پنهنجي چاچي ۽ سُهري فقير حاجي طيب خان لغاري سان گڏجي سانگهڙ ضلع ۾ هجرت ڪري آيو ۽ پادري جي ڳوٺ ڀرسان سڪونت اختيار ڪيائين. پاڻ هر هاري هو سانگهڙ تعلقي جي مختلف جڳهن تي هجرت ڪيائين .سندس وصال ڪرميتي ڀٽ چڪ 57 ديھ سماٿري تعلقي سانگهڙ ۾ 1951ع ۾ ٿيو سندس قبر پڻ ڪرميتي ڀٽ چڪ 57تعلقي سانگهڙ ۾ آھي. کيس پنج پٽن ۽ٻه نياڻين جو اولاد ٿيو .
1نور محمد لغاري
2غلام محمد لغاري
3پٺاڻ خان لغاري
4محمد يوسف لغاري
5محمد لقمان لغاري.
----------------------------------------------
1نور محمد لغاري
پاڻ محمد يعقوب لغاري جو وڏو پٽ هو سندس تاريخ پيدائش نه ملي سگهي آھي. پاڻ پنهنجي وقت جو سٺو حڪيم ٿي گذريو آھي. پاڻ 1990ع ڌاري وصال ڪيائين . ڪپوري قبرستان ۾ ابدي آرامي آهي .کيس ٻن پٽن۽ ٽي ڌيئرن جو اولاد ٿيو.
1صابر حسين لغاري
2بهاذر خان لغاري
-------------------------------------------------
2غلام محمد لغاري
پاڻ محمد يعقوب لغاري جو ٻيو نمبر پٽ هو. پاڻ وڏو دلير ۽ بيباڪ انسان هو سندس تعلق به پوکي راهي سان رهيو .سڄي زندگي محنت مزدوري ڪري گذاريائين .سال1991ع تي وصال ڪيائين.ڪپوري قبرستان ۾ آسوده خاڪ آھي .کيس پنج پٽن ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد ٿيو.
1پهلوان لغاري
2ساجن لغاري
3سلطان لغاري
4نذير احمد لغاري
5محمد يعقوب لغاري(امرلغاري)
----------------------------------------------------
4پٺاڻ خان لغاري
پاڻ محمد يعقوب لغاري جو ٽيون نمبر پٽ هو سندس تاريخ پيدائش نه ملي سگهي آھي. پاڻ به هر هاري هو سال1979ع ۾ وصال ڪيائين . ڪپوري قبرستان ۾ ابدي آرامي آھي.سندس ٻه شاديون هيون .پهرين گهرواري مان کيس 6پٽن ۽ ٽي نياڻين جو اولاد ٿيو ٻي گهر واري مان کيس هڪ پٽ ۽ نياڻين جو اولاد ٿيو.
پهرين گهرواري جو اولاد:
1محمد صديق لغاري
2فرزند علي لغاري
3عطامحمد لغاري
4تاج محمد لغاري
5محمد يونس لغاري
ٻي گهرواري جو اولاد .
1محمد صيفل لغاري
-------------------------ًًًًًًًًًً---------------------------
3محمد يوسف لغاري
پاڻ محمد يعقوب لغاري جو چوٿون نمبر پٽ ھو . سال 1924ع ۾پيدا ٿيو. لوهارڪو ڌنڌو اختيار ڪيائين.پاڻ روزي نماز جو پابند ۽ متقي پرهيزگار شخص هو. 40 سال نماز تهجد قضا نه ڪيائين. سال 1999ع تي وصال ڪيائين .فقير غلام حيدر غازي قبرستان يونين ڪائونسل کوڙي تعلقه کپرو ضلع سانگهڙ ۾ ابدي آرامي آھي.کيس هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو.سندس دوستي حاجي موسيٰ جتوئي سان هئي. پاڻ هڪ دفع حج ۽ هڪ دفع عمري جي سعادت به حاصل ڪيائين .
-----------------------------------------------------
5محمد لقمان لغاري
سندس تاريخ پيدائش نه ملي سگهي آھي .سندس تعلق به زراعت سان رهيو. سال 2021ع ۾ وصال ڪيائين ڪپوري قبرستان ۾ ابدي آرامي آھي. کيس چئن پٽن ۽ ٽن نياڻن جو اولاد ٿيو. .
1عبدالمجيد لغاري
2حاجي خان لغاري
3محمد علي لغاري
4محمد هاشم لغاري
Comments
Post a Comment